SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Land-locked States

(click word to listen sound
  • 🔊
  • lænd
  • lɔkt
  • steits
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Land-locked States

لئنڊ لاڪڊ اسٽيٽس

سُڪيءَ اندر وڪوڙيل رياستون

دنيا ۾ ڪافي اهڙا ملڪ آهن جن جي چوڌاري ٻين ملڪن جون زميني سرحدون آهن. چوڌاري زمين ۽ خشڪيءَ سان گهيريل هجڻ ۽ سامونڊي ڪپر نه هجڻ واري ملڪ کي Land -locked رياست طور سڃاتو وڃي ٿو. وچ ايشيا جا سوويت يونين کان جدا ٿيل ملڪن سميت دُنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن، جن کي پنهنجو سمنڊ ڪونهي. اهڙن ملڪن کي سامونڊي رستو ڏيڻ لاءِ 1982ع ۾ بين الاقوامي قانون UNCLOS III جي نالي سان جوڙيو ويو، پر هن قانون کي ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا ڳڻپ جوڳي مڃتا نه ملي سگهي آهي. دنيا جا ڪي ملڪ ٻه-طرفن لاڳاپن جي آڌار تي هڪٻئي مُلڪ جا سامونڊي بندر استعمال ڪندا آهن، پر انهيءَ طريقي اختيار ڪرڻ سان سامونڊي ڪنارو رکندڙ ملڪ تي حملي ٿيڻ جو خطرو به رهي ٿو. ان ڪري اهڙي اڳڀرائيءَ ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ڪنهن به مُلڪ جي چوڌاري زمين جو گهيرو هُجڻ سبب اهو مُلڪ سياسي ۽ معاشي طرح طاقتور رياست نه بڻجي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ جو سامونڊي ڪناري جي موجودگي نه رڳو فاصلا گهٽائي ٿي، پر دُنيا جي ٻين مُلڪن سان لاڳاپن کي به وڌائي ٿي. سامونڊي ڪپر کان وانجهيل مُلڪ واپار، آمدرفت ۽ ٻين حوالن سان ٻين ملڪن جا ڳيجهو بڻيل رهن ٿا ۽ انتهائي لچڪيدار پاليسيون هُجڻ سبب طاقت ور رياستن آڏو جهڪيل رهن ٿا. انهيءَ ڪري سندن خودمختياري ۽ ترقيءَ جي رفتار آڏو رڪاوٽون رهن ٿيون. دُنيا ۾ هن مهل سُڪي اندر وڪوڙيل ڪُل 47 مُلڪ آهن، جن ۾ اهڙا مُلڪ به شامل آهن، جن جي عالمي فورمن تي اڃا تائين مڪمل مڃتا نه ٿي آهي.جهڙوڪ: فلسطين


Remember Me Also:

ڀل پڇي

ث. رِڇَ جي پُڇ جهڙي ٻُوٽيءَ جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal